ڀارت ۾ مسلمان ڪاليج پرنسپال تي هندو مخالف الزام غلط قرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي لا ڪاليج جي مسلم پرنسپال تي هندو مخالف ۽ ملڪ دشمني جا الزام ڏيڍ سال کانپوءِ غلط ثابت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي سپريم ڪورٽ الزامن کي غير مناسب قرار ڏئي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اندور جي ڊاڪٽر انعام الرحمان تي بي جي پي جي شاگرد ونگ الزام هنيا هئا، جنهن تي مسلم پرنسپال کان حڪومت زبردستي استعيفيٰ ورتي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب پرنسپال تي نماز پڙهڻ تي زور ڏيڻ جا الزام هئا، مٿس لا ڪاليج لائبريري ۾ ملڪ مخالف ڪتاب رکڻ جو به الزام هو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پرنسپال تي لا ڪاليج ۾ مسلمان استاد ڀرتي ڪرڻ جو به الزام هو.
رپورٽن موجب ڀارتي سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اندور جي لا ڪاليج جي مسلم پرنسپال جو معاملو ظلم جو معاملو لڳي ٿو.
سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ظاهري طور ايف آءِ آر غير منطقي هجڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.

India supremecourtofindia principal

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.