بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم پرڏيهي شاگردن تي حملا روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو.
ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن ضيغم بشڪيڪ ۾ ڪرغز نائب وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي شاگردن جي هاسٽل جو دورو ڪيو.
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن سان گفتگو ڪندي ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي شاگردن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڪرغز حڪومت جي ذميواري هئي، جنهن ۾ ناڪام ٿياسين، حملي آورن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
پاڪستاني سفير چيو ته هڪ فلائٽ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت کڻي وڃي رهي آهي، گرين چينل کولڻ لاءِ به ڪرغز اختيارين کي درخواست ڪئي آهي.
Bishkek Pakistan kyrgyzstan