”ثانيا جنهن لاءِ سماج ۽ سسٽم سان وڙهي، ان ٻي شادي ڪري ڇڏي“سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ادڪارا ثنا جاويد سان شادي ڪري ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي جوڙي جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ سندن شادي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي آهي.
ڪجهه مداحن پاران شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي شادي تي خوشي ۽ ڪجهه مداحن طرفان حيرت جو اظهار ڪيو پيو آهي.
ان کان اڳ شعيب ملڪ جي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جڏهن ته اداڪارا ثناءَ جاويد ۽ راڳي عمير جسوال جي شادي ٿي هئي.
گذريل ڪجهه عرصي کان شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي عليحدگي جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون، پر ٻنهي ان ڳالهه جو باظابطا طور تصديق نه ڪئي هئي.
ان ڏس ۾ ڀارتي خابرو اداري ٽرسٽ آف انڊيا سان ڳالهائيندي ثانيا مرزا جي والد عمران خان مرزا ٻڌايو ته شعيب ملڪ نه پر ثانيا مرز ا کائنس طلاق ورتي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيا مرزا پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو هو ته ” شادي ۽ طلاق ٻئي فيصلا ڏکيا هوندا اوهان کي ڏکيو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.
انکانسواءِ هن انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ لکيو ته ” جڏهن ڪير اوهان جي دل جو سڪون کي خراب ڪري، ان کي ڇڏي ڏيو“ .
اهڙي قسم جي پوسٽن کي ڏسندي به تبصرا ڪيا پيا پئي ويا ته سندن ازدواجي رشتي ۾ مسئلا آهن.
ڇرڪائيندڙ خبر
شعيب ملڪ جي اداڪارا ثناءَ جاويد سان شادي جون تصويرون سامهون اچڻ تي اِهو معاملو پاڪستان جي سموري اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي وڌي وڻ ٿي ويو، ان کي ڇرڪائيندڙ خبر قرار ڏنو ۽ سوشل ميڊيا تي شعيب ملڪ جي نالي سان گڏوگڏ لفظ ” شاڪنگ “ پڻ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو.
ايڪس واهپيدار شمائلا تنوير پڻ اِهو سوال اُٿاريو ته ” پر ثناءَ ته پهريان ئي شادي شاده آهي“.
انسٽاگرام تي صارف اشفي اونادي کي به ان خبر تي يقين نه ٿي آيو هن چيو ته ” ڇا ڪائي ميوزڪ وڊيو اچي رهي آهي؟ اڄڪلهه سيليبريٽيز تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي“ .
واهپيدارن پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي ايموجيز شيئر ڪيا ۽ ڪيئي ماڻهن لکيو ته ” ڇا ؟ “ .
ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدان لاءِ خبر تي يقين ڪرڻ انڪري به ڏکيو هو ڇو ته ثناءَ جاويد جا راڳي عمير جسوال سان شادي جا افواهه گردش ڪري رهيا هئا، پر طلاق ڪڏهن ٿي ان جي ڪنهن ڄاڻ ناهي.
اهڙي صورتحال جي شڪار هڪ واهپيدار ماريا جيب لکيو ته ” مان بن وقت ڏاڏي منجهيل آهيان، مون شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي طلاق بابت ٻڌو هو پر ثناءَ جاويد ۽ عمير جسوال جي طلاق ڪڏهن ٿي؟ مهرباني ڪري مون کي اِهو سمجهائڻ ۾ مدد ڪريو“ .
سوشل ميڊيا جو ” ثانيا مرزا لاءِ افسوس ۽ شعيب ملڪ جي وفاداري تي شڪ“
سوشل ميڊيا تي اهڙا به واهپيدار آهن جن شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي رشتي جي خاتمي تي افسوس جو اظهار ڪيو.
ناياب خالد لکيو ته ” ڪنهن جو به ڊگهي عرصي تائين ڪنهن سان وفادار رهڻ هڪ ذاتي فيصلو آهي، پر ڪيئي ورهين کانپوءِ پنهنجو ساٿي تبديل ڪرڻ اسان جي سماج ۾ قبول ڪرڻ ڏکيو آهي“.
انسٽاگرام صارف عباس دلاور ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته ” هو حقيقت ۾ ثانيا مرزا لاءِ ڏُکارو آهي جنهن کي شعيب ملڪ سان شادي ڪرڻ تي ڀارت ۾ ايتري نفرت جو منهن ڏسڻو پيو .
هڪ صارف ته ثانيا مرزا لاءِ ايترو جذباتي ٿي وئي جو هن لکيو ” ثانيا مرزا پوري نظام ۽ ملڪ سان وڙهي ته جيئن هوءَ شعيب ملڪ سان شادي ڪري سگهي، ۽ هاڻي شعيب ثناءَ جاويد سان شادي ڪري ڇڏي“ .
ڪيئي واهپيدار شعيب ملڪ تي ڪاوڙ اظهار ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪيئي ماڻهن نئين جوڙي کي مبارڪون ڏنيون پر گهڻو انگ انهن ماڻهن جو آهي جيڪي يا ته ثانيا سان همدردي ڪري رهيا آهن يا شعيب ملڪ تي ناراض آهن يا وري اوچتي خبر تي حيران.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.