” ثانيا مرزا، شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان لاڳاپن سبب ساڻس رشتو ختم ڪيو“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ سان طلاق جي تصديق ٿي وئي.
شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي ڌار ٿيڻ جون خبرون ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيون هيون، ٻنهي جا لاڳاپا ٺيڪ نه هئا ۽ ٻئي هڪٻئي کان ڌار زندگي گذاري رهيا هئا.
ان دوران ثانيا مرزا اڪثر سوشل ميڊيا تي پٽ سان گڏ تصويرون اَپ لوڊ ڪندي رهندي هئي، پر تصويرن ۾ شعيب ملڪ موجود نه هوندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ به ثانيا مرزا سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام شيئر ڪيو هو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته شادي ۽ طلاق ٻئي ئي ڏکيا فيصلا هوندا آهن.
ٻئي پاسي اڄ شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثناءَ جاويد سوشل ميڊيا تي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو ته ثانيا ۽ شعيب جي طلاق جون خبرون هڪ ڀيرو وري سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ اچي ويون.
سوشل ميڊيا تي اِهو بحث زور وٺي رهيو هو ته ڇا جوڙي جي وچ ۾ طلاق ٿي آهي يا رڳو عليحدگي ٿي ڇو ته هنيئر تائين ٻنهي طرفان باظابطا طور پنهنجي طلاق يا خلع جي حوالي سان ڪجهه ناهي چيو ويو.
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ثانيا مرزا، شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان ميل ميلاپ سبب خوش نه هئي، ثانيا مرزا هڪ عرصي تائين شعيب ملڪ کي نظرانداز ڪندي رهي ۽ نيٺ هوءَ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ شعيب ملڪ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.