پاڪستاني بالرن لاءِ خطرو بڻجي ويل ڊيرل مچل آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ نه کيڏندو

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر ڊيرل مچل پاڪستان خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ نه کيڏندو.
ان ڏس ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته ورڪ لوڊ مئنجيمنيٽ سبب ڊيرل مچل ميچ تان هٿ کڻي ورتو آهي جڏهن ته راچن رويندرا کي آچر واري ميچ لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڪيوي ڪوچ گيري اسٽيڊ چيو آهي ته ٽيم جي سيريز ۾ پوزيشن ۽ ايندڙ شيڊيول کي نظر ۾ رکندي ڊيرل مچل کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته ڊيون ڪانوي کي آخري ميچ ۾ کيڏائڻ يا نه کيڏائڻ جو فيصلو سڀاڻي ٿيندو، ڊيون ڪانوي چوٿين ميچ کان اڳ ڪورنا وائرس جو شڪار ٿي ويو هو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.