شعيب ۽ ڌيءَ جي طلاق جي خبرن بابت ثانيا مرزا جي پيءُ جو بيان سامهون اچي ويو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جي اداڪارا ثناءَ جاويد سان شادي تي اڳوڻي ڀارتي اسٽار ثانيا مرزا جي والد جو ردعمل سامهون آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ثانيا مرزا جي والد عمران مرزا مختصر چيو ته ” هي خلع آهي“ يعني ثانيا مرزا پاڻ شعيب ملڪ کان طلاق ورتي آهي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ثانيا مرزا، شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان ميل ميلاپ سبب خوش نه هئي، ثانيا مرزا هڪ عرصي تائين شعيب ملڪ کي نظرانداز ڪندي رهي ۽ نيٺ هوءَ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ شعيب ملڪ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.