شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن هو اِهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهريون ايشين ۽ دنيا جو ٻيو بيٽر بڻجي ويو آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان اِهو ڪارنامو پنهنجي 487 هين ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ انجام ڏنو.
شعيب ملڪ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ فورچيون باريشال جي نمائندگي ڪندي رنگ پور رائيڊرز خلاف ست رنسون ٺاهي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪيون.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو اعزاز ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل وٽ آهي جنهن مختصر فارميٽ ۾ 14562 رنسون ٺاهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.