ذڪاءَ اشرف جي استعيفيٰ، وقتي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين جو نالو سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف جي استعيفيٰ کانپوءِ وقتي چيئرمين جو نالو سامهون اچي ويو آهي.
پي سي بي موجب، مئنيجمينٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ذڪاءَ اشرف استعيفيٰ جو اعلان ڪيو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ذڪاءَ اشرف کي مئنيجيمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ رڪن جي حيثيت تان استعيفيٰ نگران وزيراعظم کي پيش ڪرڻ چيو ويو.
پي سي بي موجب، ذڪاءَ اشرف پيٽرن پي سي بي جي اعتماد تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ اهي ته ذڪاءَ اشرف جي استعيفيٰ کانپوءِ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو وقتي چيئرمين شاهه خاور هوندو ۽ سندس نگراني ۾ نيون چونڊون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.