ٿولهه، هاءِ بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙن مرضن ۾ مبتلا ڪندڙ عام سبب دريافت

نوجواني ۾ وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار رهندڙ ماڻهن ۾ وچولي عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر، ٿولهه ۽ ٻين مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
سدرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ننڍي عمر ۾ دٻاءَ سبب پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته نوجواني ۾ دٻاءَ جو شڪار رهندڙ ماڻهن ۾ ڪارڊيو ميٽابولڪ مسئلا جن ۾ ٿولهه، شگر، هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ بلڊ ڪولسٽرول ۽ دل جا مرض شامل آهن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي ته نوجواني کان جواني تائين لاڳيتو دٻاءَ جو شڪار هندڙن ۾ ڪارڊيو ميٽابولڪ مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن نوجواني کان بالغ ٿيڻ تائين ڪو فرد گھڻي دٻاءَ جو شڪار رهندو آهي ته دل جي شريانين جي صحت تي خراب اثر پوندا آهن ۽ جسماني چرٻي به وڌي ويندي آهي جنهن سان ٿولهه جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اهڙي طرح هاءِ بلڊ پريشر ۽ بلڊ ڪولسٽرول جهڙن طبي مسئلن جو خطرو به وڌندو آهي.
محققن ٻڌايو ته اسان جو خيال هو ته دٻاءَ ۽ ڪارڊيو ميٽابولڪ مرضن وچ ۾ ڪنهن قسم جو واسطو آهي، پر اسان تصور به نه ڪيو هو ته اهو واسطو ايترو گھرو هوندو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نتيجن مان واضح ٿئي ٿهو ته دٻاءَ سان ڪارڊيو ميٽابولڪ صحت تي گھڻا اثر پوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ننڍي عمر کان ئي دٻاءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ضروري آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف دي آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.