پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذڪاءَ اشرف پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي ۽ بورڊ آف گورنر جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ذڪاءَ اشرف اختيارن واري معاملي تي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ هن لکت ۾ پنهنجي استعيفيٰ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڏانهن منظوري لاءِ موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ذڪاءَ اشرف بي اختيار چيئرمين رهڻ بدران عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي بابت لکت ۾ وزيراعطم کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڏس ۾ ذڪاءَ اشرف جو چوڻ آهي ته هو ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، اهڙي ماحول ۾هن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي.
هن چيو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، هاڻي وزيراعظم تي آهي ته هو ڪنهن کي نامزد ڪري ٿو.
واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ نگران حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.