مان سڄي جسم کي ڍڪيو هو: پهرين سوڊاني مس ورلڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مس ورلڊ 2024 جي مقابلي ۾ نوجوان سوڊاني عورت تسابيح دياب جي عالمي سونهن مقابلي ۾ شرڪت سوڊاني عوام ۾ تڪراري بڻجي وئي آهي.

ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان جو ملڪ جنگ جو شڪار اهي ۽ هي سندري سونهن مقابلن ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.

گهڻن ماڻهن خوبصورت نوجوان ناري جي حمايت به ڪئي آهي پر ڪجهه رسمن رواجن جي ابتڙ وڃڻ تي تنقيد ڪئي.

ٻئي پاسي تسابيح فيس بڪ پيج تي چيو آهي ته اوهان کي ٻڌايون ته مان سوڊاني رسمن رواجن خلاف ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ نه ڪنديس، ڀلي مون کي مقابلي تان هٿ ڇو نه کڻڻو پوي، منهنجي لاءِ اوهان جي دل کٽڻ اهم آهي.

هن چيو ته مون کي فخر آهي ته منهنجي ڪاميابي سوڊان جي ڪاميابي آهي، پنهنجي ملڪ جي رسمن جو احترام ڪرڻ کان ٽائٽل وڌيڪ اهم ناهي ۽ مان واحد عورت هيس جيڪا سوئمنگ سوٽ ۾ نظر نه آيس.

هن وضاحت ڪئي ته مان پنهنجي جسم کي ڍڪيندڙ ڪپڙن جي چونڊ ڪئي هئي ۽ هڪ نئين تصوير جي عڪاسي ڪرڻ جي خواهشمند هيس جيڪا روايتن موجب هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.