انٽر ۾ فيل ٿيل شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرميڊيئيٽ جي پهرين سان جي تڪراري نتيجن جي جاچ لاءِ 6 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
انٽرميڊيئيٽ جي پهرين سال جي تڪراري نتيجن جي جاچ لاءِ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري صدف انيس پاران 6 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر ڪاليجز مصطفيٰ ڪمال کي ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميٽي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ سيڪريٽري ڪاليجز صدف انيس کي پيش ڪندي.
واضح رهي ته انٽر بورڊ پهرين سال جي امتحاني نتيجن ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون فيل ٿيا هئا جيڪا تعليمي معيار جي حوالي سان سنگين صورتحال آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.