شاهين کي شادي جي آڇ، ڪرڪيٽر ڇا چيو؟

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ڪرائست چرچ ۾ کيڏيل چوٿين ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان هارائي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستان طرفان ڏنل 159 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور جي پهرين ئي بال تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان جي 159 رنسن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جا ابتدائي 3 رانديگرن رڳو ويهه رنسن تي آئوٽ ٿي ويا هئا، ٽي وڪيٽون جلدي ڪرڻ کانپوءِ ڊيرل مچل ۽ گلين فلپس پاڪستاني بالرن کي سٺو سٽڪو ڏنو ۽ ٻنهي رانديگرن ناقابل شڪست ففٽيز اسڪور ڪيون ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
ڊيرل مچل 72 ۽ گلين فلپس 70 رنسون ٺاهيون، ٻنهي رانديگرن چوٿين وڪيٽ لاءِ 139 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جڏهن ته پاڪستان طرفان ٽئي وڪيٽون ڪپتان شاهين آفريدي حاصل ڪيون.
شاهين آفريدي جي شاندار بالنگ ڏسي اسٽينڊ ۾ ويٺل ٻن نارين پلي ڪارڊ تي شادي جو پيغام لکي ڇڏيو.
نارين طرفان پلي ڪارڊ تي لکيل هو ” شاهين مون سان شادي ڪندي“ اهڙي معاملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
ان حوالي سان پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي طرفان ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.