منال خان جي جسماني بيهڪ تي تنقيد ڪندڙن کي نوشين شاهه جو سخت جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا منال خان جي جسماني بيهڪ ۽ سندس وزن وڌي وڃڻ تي اداڪارا لاءِ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ٿيڻ کان پوءِ سندس سپورٽ ۾ نوشين شاهه سامهون اچي وئي.
نوشين شاهه منال خان جي جسماني بيهڪ تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏيندي کيس خدا جو خوف ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
منال خان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ جي موقعي تي ڀيڻ ايمن خان ۽ ڀاءُ سميت سندس مڙس سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون جن تي واهپيدار اڻوڻندڙ ڪمينٽس ڪيا.
منال خان پاران تصوير شيئر ڪرڻ کان پوءِ واهپيدارن ڪميشن ڪندي کيس وزن وڌڻ تي تنقيد ڪندي لکيو ته ٻئي ڀينرون مينهون بڻجي چڪيون آهن، جنهن تي نوشين شاهه ان ڪمينٽ ڪندڙ کي سخت جواب ڏنو.
نوشين شاهه منال خان جي جسماني بيهڪ تي تنقيد ڪندڙ عورتن لاءِ لکيو ته اُهي خدا جو خوف ڪن، اداڪارا تازو ئي ماءُ بڻي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Minal Ahsan (@minalkhan.official)

نوشين شاهه لکيو ته خاص طور تي عورتن کي ڏکيائي کي سمجهڻ گھرجي، کين اندازو ٿيڻ گھرجي ته ٻار جي ڄمڻ وقت عورت ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيندي آهي.
نوشين شاهه لکيو ته عورت 9 مهينن تائين پنهنجي پيٽ ۾ ٻار کي پالينديون آهن ۽ انهيءَ دوران سندن زندگيءَ ۾ گھڻيون تبديليون اينديون آهن ۽ اهڙين ڏکيائين کي رڳو اُهي ئي سمجهي سگھن ٿيون.
اداڪارا لکيو ته منال خان جي جسماني بيهڪ ماءُ بڻجڻ سبب تبديل ٿي آهي، ان ڪري هن تي تنقيد نه ڪئي وڃي، ڇو جو اهڙي ناڪاري نتقيد جو عورت جي صحت تي خراب اثر پئجي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.