پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون پر دفاع جو حق رکون ٿا: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم نون جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان جوابي حملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن سان امن چاهيون ٿا پر پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هوته پاڪستان جي سلامتي ۽ شهرين جو تحفظ سڀ کان اهم آهي، پاڪستان امن ۽ سلامتي لاءِ موزن سفارتي فوجي قدم کنيا آهن.


سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي ٻنهي پاڙيسري ملڪن سان امن چاهيون ٿا، پر پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا.
شهباز شريف چيو ته آپريشن مرگ بر سرمچار تي قوم اسان جي بهادر هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.