انسانن جي باقيات، بٽ ڪوائين ۽ ڪجهه ٻيون شيون کڻي چنڊ تي روانو ٿيندڙ خلائي جهاز پريريگرن لينڊر ناڪام ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن به وقت زمين تي ڪري سگهي ٿو.
هي خلائي جهاز 20 پي لوڊز کڻي چنڊ ڏانهن ويو هو.
پي لوڊز جو مجموعي وزن 90 ڪلوگرام هو، ان ۾ دنيا جي بلند ترين جبل ايوريسٽ جي هڪ ٽڪري کانسواءِ وڪي پيڊيا جي هڪ ڪاپي به شامل هئ.
سائنس فڪشن ٽي وي سيريز اسٽار ٽريڪ جي خالق جيني راڊنبيري جي باقيات به هن جهاز جي پي لوڊز جو حصو آهي.
هن خلائي جهاز کي چنڊ جي مشن تي روانو ڪندڙ اداري ايسٽروبوٽڪ ٻڌايو ته هو جهاز جي نگراني ڪري رهيا آهن، ڪمپني خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا سان به رابطو ڪيو آهي. مشن ناڪام ٿيڻ بعد هي خلائي جهاز جمعي تي ڪنهن وقت به زمين سان ٽڪرائجندو.
ايسٽرو بوٽڪ پيريگرن جي زمين تي واپسي کي ڪنٽرول ويو آهي ۽ هن کي سمنڊ ۾ ڪيرايو ويندو.