راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف باني ۽ شاهه محمود قريشي قرآن پاڪ تي هٿ رکي بيان ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سائفر ڪيس جي ٻڌڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي مطالبي تي چيو ته درخواست نه ڏيو، مان قرآن پاڪ گهرائي ورتو آهي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته مسلمانن ۾ وڏا وڏا منافق به آهن، جيڪي قرآن پاڪ تي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.
جج چيو حلف ڏيو ته ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي الله پاڪ ناراض ٿئي، جنهن تي بشريٰ بي بي عدالت ۾ وڏي آواز ۾ مڪالمو ڪندي چيو ته الله ناراض ٿئي، الله جو عذاب ٿئي.
عدالت ۾ سائفر ڪيس جي شاهد اعظم خان بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، سندس بيان قلمبند ڪرائڻ وقت پراسيڪيوٽر جي مداخلت تي پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي ردعمل به ڏنو.
شاهه محمود قريشي چيو ته بيان وقت پراسيڪيوٽر ڇو مداخلت ڪري رهيو آهي؟
سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي شاهد انيس الرحمان سميت 5 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، شاهدن ۾ جاويد اقبال، هدايت الله، محمد اشفاق جا بيان قلمبند ڪيا ويا.
شاهدن جي بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.
You might also like