پاڪستان، ايران کي سوچي سمجهي جواب ڏنو : شيري رحمان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان پاڪستان طرفان ايران ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي حملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان، ايران کي سوچي سمجهي جواب ڏنو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خودمختياري تي حملو غير امڪاني هو، ايران کي جيڪڏهن خدشا هئا ته هو پاڪستان کي آگاهه ڪري ها، پاڪ-ايران سرحد تي ڪيئي ورهين کان اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان، ايران کي سوچي سمجهي جواب ڏنو، بهتر ٿيندو ته پاڪستان ۽ ايران تڪرار وڌيڪ وڌائڻ کان پاسو ڪن.
شيري رحمان چيو ته پاڪستان جا ايران سان پراڻا لاڳاپا آهن، جن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن کي هاڻي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.