سڄي دنيا ۾ سولر پينلز جي سپلاءِ غير معمولي حد تائين وڌي وڃڻ سان قيمتون اڌ ٿي ويون آهن. آمريڪا ۽ يورپ جي گودامن ۾ سولر پينلز جا ڍير لڳل آهن.
انٽرنيشنل انرجي ايجنسي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2023ع دوران سولر پينلز اڌ تائين ڪِري پيا آهن. هن وقت به اگهه ڪِري رهيا آهن.
سولر پينلز ٺاهيندڙ لاڳت ۾ گھٽائي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ جدت تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي پر جيئن وڪري ۾ اضافو ٿئي ۽ فائدي جي گنجائش به وڌي.
آمريڪا، ڀارت ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سولر پينلز جي لاڳت گھٽائڻ تي وڌيڪ ڪم ٿي رهيو آهي. ٻي پاسي چين 2028ع تائين سولر پينلز جي 85 سيڪڙو پيداوار ممڪن بڻائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
بنيادي مسئلو اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ سولر پينلز جي گھرج گھٽجي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اگهه ڪِري رهيا آهن. 2023ع دوران سڄي دنيا ۾ سولر پينلز جي اگھن ۾ 60 سيڪڙو تائين گھٽائي ٿي آهي.
ايندڙ چئن سالن ۾ اها شرح وڌيڪ ڪِري 40 سيڪڙو جي سطح تي اچي سگھي ٿي.
مينوفيڪچررز وچ ۾ مقابلو وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ننڍا ادارا گھڻي دير تائين مارڪيٽ ۾ نه رهي سگھندا. هڪ پاسي جدت جي بازار گرم آهي ته ٻي پاسي لاڳت گھٽائڻ تي به غير معمولي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
You might also like