ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايران ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪو به ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏسندو ته ان کي ائين ئي جواب ڏنو ويندو.
پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته پاڪستان هڪ امن چاهيندڙ ملڪ آهي پر پاڪستان تي حملو ڪندڙ هاڻ سئو ڀيرا سوچيندا ۽ ڪو به ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏسندو ته ان کي ائين ئي جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي ۽ اسان جي فوج سٺي طريقي سان ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي.
سندس چوڻ هو ته اسان سدائين دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سدائين دنيا ۾ امن قائم رکڻ جو ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا پر رڳو برابري جي بنياد تي.
You might also like