سام سنگ گيليڪسي ايس 24 ايندي ئي ڇائنجي ويو

سام سنگ نون ۽ انوکين فيچرز سان ليس گيليڪسي ايس 24 الٽرا ۽ گيليڪسي ايس 24 لانچ ڪري ڇڏيو.
رپورٽ ان فون جي خاص ڳالهه ان ۾ سام سنگ جو ئي تيار ڪيل اي آءِ ماڊل جو استعمال ٿيڻ آهي. سام سنگ جو اهو موبائيل هيل تائين جو اي آءِ ٽيڪنالاجي سان ليس سڀ کان ذهين ترين موبائيل فون آهي.
جيتوڻيڪ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) سان ليس فيچرز ان سمارٽ فون جي ڪيمرائن کي بهتر بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي.
ان کان اڳ گوگل پنهنجو فون پڪسل 8 متعارف ڪرايو هو جيڪو تصويرن جي ڪوالٽي ۽ انهن جي ايڊٽنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اي آءِ ٽولز سان ليس هو.
اهو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڇي ته 2024ع ۾ ايندڙ سڀني فونز ۾ اي آءِ فيچرز موجود هوندا.
گيليڪسي ايس 24 ۾ ڪهڙي خاصيت هوندي؟
سام سنگ جي ان نئين ماڊل جي ڊزائين ۾ ڪيمرا ۽ پراسيسر جي فيچرز کانسواءِ ڪا به نمايان تبديلي نه آهي. اهو ماڊل رڳو اي آءِ سافٽ ويئر سان ئي ليس هوندو. ان ۾ اي آءِ لائيو ٽرانسليشن جو فيچر واهپيدار استعمال ڪري سگھندا جيڪو انهيءَ وقت آڊيو ۽ ٽيڪسٽ ٽرانسليشن جي سهولت فراهم ڪندو.
ايس 24 ۽ ايس 24 پلس جي قيمت ترتيبوار 899 يورو (ٻه لک 75 هزار پاڪستان روپيا) ۽ 1149 يورو (3 لک 50 هزار پاڪستاني روپيا) هوندي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ اسٽوريج رکندڙ گيليڪسي ايس 24 الٽرا 1449 يورو (4 لک 41 هزار 6 سئو 98 پاڪستاني) روپين ۾ وڪرو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.