ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي جي سربراهه راجا عمر خطاب چيو آهي ته پاڪستان، خاص طور ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث شدت پسندن جا پيرا ايران ۾ موجود پاڪستان دشمن دهشتگرد جماعتن ڏانهن وڃن ٿا، جن کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ آپريٽ ڪندي آهي.
راجا عمر خطاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته ماضي ۾ گرفتار دهشتگردن جا پيرا ايران ۾ موجود پاڪستان دشمن دهشتگرد جماعتن ڏانهن وڃن ٿا ۽ ايران ۾ پاڪستان دشمن پسند بي ايل اي، بلوچ عليحدگي پسند جماعت، لياري گينگ وار ۽ را جا ايجنٽ موجود آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته دهشتگردي ۾ پاڪستان کي انتهائي گهربل دهشتگرد به هن وقت ايران ۾ روپوش آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ اسلامي ملڪ جي سفارتڪار جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد 12 سالن کان ايران ۾ موجود آهن، جڏهن ته چيني قونصليٽ تي حملي ۾ ماريل دهشتگردن وٽان برآمد موبائل فونز جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته دهشتگردن آخري رابطو ايران سميت ٻن ملڪن ۾ موجود پنهنجي ساٿين سان ڪيو هو.
راجا عمر خطاب وڌيڪ چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد ٻن سالن تائين ايران ۾ روپوش هئا ۽ اتان ئي حملي لاءِ آيا هئا، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ ملوث دهشتگرد داد بخش پاڪستان مان ايران ۾ رپوش ٿيو ۽ هن ايراني انٽيليجنس جي مدد سان افغانستان ۾ بشير زيب سان ملاقات ڪئي هئي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ فرقيواراڻي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي فنڊنگ جا سڌي ريت پيرا ايران ۾ موجود پاڪستان دشمنن ڏانهن وڃن ٿا.
Next Post
You might also like