چڪن ڪارن سوپ گھر ۾ تيار ڪرڻ جو طريقو

سياري جي موسم اچڻ کان پوءِ ان موسم جي مناسبت سان پڪوان هر گھر ۾ کاڌا ويندا آهن. سرهن جو ساڳ هجي يا گجرن جو حلوو سڀ انهن کي شوق سان کائيندا آهن.

ٿڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ چڪن سوپ سٺي چونڊ ٿي سگھي ٿو. ان سان بجيٽ ۾ رهندي به مزو وٺي سگھجي ٿو.

مزيدار ۽ فوري تيار ٿيندڙ اهو چڪن ڪارن سوپ هيٺ بيان ڪيل ترڪيب سان تيار ڪيو.

چڪن ڪارن سوپ جي ترڪيب:

جُز:

40 گرام مکڻ، 1 وچولو بصر سنهڙو ڪاٽيل،800 گرام ڪارن، 4 ڪوپ چڪن جي يخني، لوڻ ۽ ڪارا مرچ ذائقي موجب، ٻه ڪوپ پاڻي، ٻه ڪوپ ريشو ٿيل چڪن ۽ 3/4 ڪوپ ڪريم.

ترڪيب:

وچولي باهه تي هڪ وڏي سوس پين ۾ مکڻ گرم ڪريو، ان ۾ بصر شام ڪري ان کي نرم ٿيڻ تائين پچايو.

هاڻي ان ۾ اُٻريل ڪارن، چڪن، چڪن جي يخني ۽ پاڻي شامل ڪريو ۽ اُٻرڻ تائين پچايو.

20 منٽن کان پوءِ ان ۾ لوڻ، ڪارا مرچ ۽ ڪريم شامل ڪريو ۽ 5 منٽ وڌيڪ پچايو.

گرم چڪن ڪارن سوپ تيار ٿيڻ تي ٽوسٽڊ بريڊ سان گڏ ان جو مزو وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.