پي سي بي جو شاداب خان کي انٽرنيشل ٽي 20 ليگ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان کي پي سي بي انٽرنيشل ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، شاداب خان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ري هيب پروگرام مڪمل ڪيو ۽ پي سي بي کيس ان فٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آل رائونڊر کي پي سي بي انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪئي هئي جنهن بعد شاداب دبئي جي ٽڪيٽ به بُڪ ڪرائي هئي.
پر هاڻ بورڊ کيس اين او سي جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي دبئي جي ٽڪيٽ ڪئنسل ڪرائي ڪراچي ۾ پريزيڊنٽ ڪپ کيڏڻ جو چيو آهي.
ذريعن موجب، بورڊ شاداب خان کي چيو آهي ته اوهان جو ليگ کيڏن وارو معاهدو پورو ٿي چڪو آهي، تنهنڪري اوهان نٿا وڃي سگهو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ ڪرڪيٽر کي چيو ته اوهان ميجر ليگ ۽ دي هنڊريڊ ليگ کيڏي چڪا آهيو،ِ بورڊ اين او سي نه ٿو ڏئي سگهي.
ذريعن موجب، شاداب خان جو چوڻ آهي ته جيڪي ليگ سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان پهرين کيڏيون آهن انهن جو اطلاق ڪئين ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته فٽنس شو ڪئي آهي ۽ منهنجو انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي سان معاهدو آهي جنهن لاءِ مون کي اين او سي ڏني وئي هئي، هن بورڊ کي درخواست ڪئي ته مون ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي آهي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
واضح رهي ته شاداب خان کي انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪرڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.