ٻي ننهن اچڻ سان سڀني کي جواب ملندو: صبا فيصل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل ٻي پٽ جي شادي کانپوءِ ماضي ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ نيها سلمان تڪرارن جي سببن تان پردو کڻي ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي صبا فيصل جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ٻنهي ڀينرن سان لاڳاپن سميت گهريلو زندگي تي ڳالهائي ٿي.

ميزبان جڏهن صبا فيصل کان اصل زندگي ۾ سس بڻجڻ جي تجربي بابت سوال ڪيو ته هن چيو ته اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي پر مان هاڻي خوش آهيان، هاڻي ٻي ننهن ايندي ته منهنجي خيال ۾ ان سان سڀني کي جواب ملي ويندو.

ان حوالي سان هن وضاحت ڪندي چيو ته زندگي ۾ جڏهن ڪنهن به رشتي جو پهريون تجربو هوندو آهي، مان به پهريون ڀيرو سس بڻي هيس، منهنجي ننهن به پهريون ڀيرو ڪنهن گهر ۾ آئي هئي ته ڪجهه شيون ٿي پونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.