پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي مشاهد حسين سيد جي چين کي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي بچاءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ن ليگ اڳواڻ مشاهد حسين سيد چين کي پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتائڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته ايران جو حملو 2013 جي پاڪ – ايران معاهدي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته ايران جي حملي جو پاڪستان جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ معاملي کي ٿڌو ڪن ۽ بيجنگ ان ۾ ڪردار ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.