ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سڀاڻي کان ڏکڻ آفريڪا ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇنڇر جي ڏينهن افغانستان خلاف کيڏندي.
عالمي ڪپ ۾ شامل 16 ٽمين کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پاڪستان جي ڊي گروپ ۾ نيوزيلينڊ، نيپال، افغانستان شامل آهن، ميگا ايونٽ جو ابتدائي مقابلو ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندو. جڏهن ته آئرش ٽيم آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندي.
پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون ڇنڇر جي ڏينهن ايڪشن ۾ هونديون، سعد بيگ جي قيادت ۾ قومي ٽيم هڪ هفتي کان ڏکڻ آفريڪا ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن.
You might also like