بصر 300 رپيا ڪلو ٿيڻ باوجود واپار واري وزارت جو برآمد تي پابندي کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي واپار بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بصر جي اگهه ۾ واڌ جو معاملو اٿاريو ويو.
سينيٽر مرزا محمد آفريدي چيو ته بصر تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو آهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ جنهن تي واپار واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان بصر جي برآمدي قيمت گهٽ کان گهٽ 1200 ڊالر ڪري ڇڏي آهي.
سينيٽر مرزا محمد آفريدي چيو ته بصر 300 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، ان جي برآمد تي پابندي هڻي ڇڏيو.
سيڪريٽري جواب ڏنو ته فوري طور بصر جي برآمد تي پابندي نٿا هڻي سگهون، برآمد تي گهٽ کان گهٽ قيمت مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته بصر جي قيمت برآمد سبب ناهي وڌي، مقامي انتظاميا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.
واپار واري سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته بصر جي برآمد ۾ واڌ ٿي آهي پر مقامي مارڪيٽ ۾ اگهه ان جي ڪري ناهن وڌيا، جيڪڏهن بصر جو اگهه ڪنٽرول نه ٿيو ته برآمد تي پابندي هڻي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.