بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ميزائل حملن کان پوءِ ايران مان پنهنجو سفير واپس گھرائي ورتو ۽ ايران خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عراق ايران پاران ميزائل حملن کان پوءِ تهران ۾ مقرر پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ واپس گھرائي ورتو.
عراق ارابيل حملي تي ايران جي خلاف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ جو به اعلان ڪيو.
فواد محمد حسين جو چوڻ هو ته ايران اسرائيل تي حملو نٿو ڪرڻ چاهي يا نٿو ڪري سگھي، ان ڪري هو پنهنجي ڀرسان سولا هدف ڳولي رهيو آهي.
عراق جي پرڏيهي وزير وزارت بغداد ۾ ايران ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ايران عراق ۽ شام تي ميزائل حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.
You might also like