پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز ۾ ڏاڍا ڇڪا لڳي رهيا آهن، تماشائي پنهنجو بچاءُ ڪن، هدايت نامو جاري

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ( نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ) پاڪستان خلاف ڪرائسٽ چرچ ۾ شيڊيولڊ آخري ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن کان اڳ مداحن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ڇڪن بابت هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بائونڊريز خاص طور ڇڪا تمام گهڻا لڳي رهيا آهن تنهنڪري تماشائي ميچ دوران بال تي نظر رکن.
ڪيوي بيٽر فِن ايلن ڊينڊن ۾ 16 ڇڪا هنيا انڪري هاڻي مداحن کي اسٽينڊز ۾ هوشيار رهڻو پوندو، بال نظر رکن ته متان کين بال نه لڳي وڃي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، ميچ جون ڪُل ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.