نواز شريف سڄو ڏينهن پريشان رهندو آهي ته مهانگائي ڪيئن ختم ڪجي: مريم نواز

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا نه، 28 مئي وارا ملڪ کي سنوارڻ وارا ۽ 9 مئي وارا تباهه ڪرڻ وارا آهن.
حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ٻن رپين ۾ ماني ڏيڻ وارا ۽ 9 مئي وارا مهانگائي جو طوفان آڻڻ وارا آهن، جيڪو شخص توهان کي شهيدن جي يادگارن تي حملي جو چئي اهو ڪڏهن به توهان جو همدرد نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته مان پاڪستان جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته نواز شريف کي توهان وٽ آڻينديس، اڄ مان واعدو پورو ڪري ڇڏيو، نواز شريف توهان وٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آندو، هو سڄو ڏينهن پريشان رهندو آهي ته ملڪ مان مهانگائي ڪيئن ختم ڪرڻي آهي، نواز شريف توهان جو همدرد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.