پيءُ جي ڌيءَ کان شادي لاءِ رضامندي پڇڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌيءُ جي شادي هر پي5 جو خواب هوندو آهي جنه ڏينهن ڌيءُ پيدا ٿيندي آهي ته پيءَ ان ئي وقت کان مناسب وقت تي عزت سان ڌيءُ کي سٺي گهر رخصت ڪرڻ ۽ ان جي سٺي نصيب جون دعائون گهرڻ لڳندو آهي.

خوش نصيب آهن اهي ماءُ پيءُ جن جون ڌيئرون فرمانبرداري سان سندن فيصلن تي راضي هونديون آهن.

ان حوالي سان هيءَ خوبصورت وڊيو ڏسو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءُ سان شادي لاءِ سندس رضامندي پڇي ٿو ته ڌيءُ مرڪندي جواب ڏئي ٿي ته بابا جيڪا اوهان جي مرضي آهي، اها منهنجي مرضي.

پيءُ ٻيهر پڇي ته مان ته راضي آهيان پر ڇا تون به راضي آهين؟ جنهن تي هوءَ جواب ڏئي ٿي ته منهنجي مرضي به ساڳي آهي، پوءِ هوءَ اٿي پيءُ کي ڀاڪر پائي ٿي.

ٿوري دير ۾ ماءُ به ڌيءُ کي ڳلي لڳائي ٿي.

اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.