30 سالن جي عمر کانپوءِ جسم ۾ ٿيندڙ 10حيران ڪندڙ تبديليون

اسان جي جسم ۾ عمر وڌڻ سان ڪيتريون ئي تبديليون ٿينديون آهن.

جڏهن اسان جي عمر 30 سالن کان وڌي وڃي ٿي ته ته جسم ۾ مختلف تبديليون اچن ٿيون، جن مان ڪي حيران ڪندڙ آهن.

مثال جي طور تي جيڪڏهن 30 سالن جي عمر کان پوءِ پگھر گھٽ نڪري ٿو ته اهو به انهيءَ عمل جو نتيجو هوندو آهي.

تنهنڪري جسم ۽ دماغ ۾ ٿيندڙ اهڙين تبديلين بابت ڄاڻيو جيڪي 30 سالن جي عمر کان پوءِ ٿين ٿيون.

دماغ جو ڪاٿو گھٽجي ويندو آهي

جي ها عمر وڌڻ سان گڏ دماغ جو ڪاٿو ناهي وڌندو پر ان جي ابتڙ ٿيندو آهي.

جڏهن اسان جي عمر وڌندي آهي ته دماغ جا مخصوص حصا سُسي ويندا آهن.

30 سالن جي عمر کان پوءِ سراسري طور تي روز 50 هزار نيورونز ختم ٿيندا آهن، پر اها پريشان ڪندڙ ڳالهه نه آهي ڇو جو اسان جو دماغ ڄاڻيندو آهي ته حالتن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي.

پگھر گھٽ نڪرندو آهي

عمر وڌڻ سان پگھر مخلتف انداز ۾ خار ٿيڻ لڳندو آهي.

ان جو سبب اهو اهي ته پگھر جا غدود عمر وڌڻ سان سُسي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي حساسيت گھٽجي ويندي آهي ۽ پاڻياٺ گھٽ ٺهندي آهي.

موسمي بيمارين جي شڪايت گھٽجي ويندي آهي

ننڍپڻ ۾ موسم تبديل ٿيڻ سان نزلو زڪام کي منهن ڏنو ويندو آهي پر عمر وڌڻ سان کنگهه يا نِڇن جو سلسلو گھٽجي ويندو آهي.

ان جو سبب اِهو آهي جو عمر وڌڻ سان اسان جو مدافعتي نظام مضبوط ٿي چڪو هوندو آهي ۽ اڪثر بيمارين تي شروعات ۾ ضابطو آڻي وٺندو آهي.

نِڇ ڏيڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي ويندي آهي

عمر وڌڻ سان نِڇ ڏيڻ جي حس ڪمزو ٿيڻ لڳندي آهي پر ڪجهه ماڻهن جي کائڻ ۾ دلچسپي به گھٽجي ويندي آهي.

30 ورهين جي عمر کان پوءِ اهو سلسلو شروع ٿيندو آهي 60 سالن جي عمر ۾ گهڻن ماڻهن ۾ ذائقي جي حس به نمايان حد تائين گھٽجي ويندي آهي.

ائين ئي سنگهڻ جي حس سان به ٿيندو آهي.

پٺن جو ڪاٿو گھٽجي ويندو آهي

عمر وڌڻ سان پٺن تي به اثر پوندا آهن ۽ انهن جو ڪاٿو به گھٽجڻ لڳندو آهي.

ان جي نتيجي ۾ اسان ڪمزور ٿي ويندا آهيون.

30 سالن جي عمر کان پوءِ هر ڏهاڪي دوران پٺن جي ڪاٿي ۾ سراسري طور تي 3 کان 8 سيڪڙو گھٽتائي ٿيندي آهي.

ميٽابولزم مستحڪم ٿي ويندو آهي

تحقيقي رپورٽن موجب عمر وڌڻ سان ميٽابولزم جا فعل مستحڪم ٿيڻ لڳندا آهن.

يعني جسماني وزن ۾ وڏين تبديلين جو امڪان گھٽجي ويندو آهي پر اسان جو جسم گھٽ ڪيلوريز ساڙڻ لڳندو آهي جنهن سان ٿولهه جو امڪان وڌندو آهي.

شخصيت مضبوط ٿي ويندي آهي

نوجواني ۾ اسان گھڻا جذباتي هوندا آهيون ۽ 20 سالن جي عمر کان پوءِ اسان دنيا جي آڏو پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

پر 30 سالن جي عمر کان پوءِ اسان پنهنجي زندگي مان گھڻي حد تائين مطمئن ٿي چڪا هوندا آهيون ۽ شخصيت مضبوط ٿي ويندي آهي.

ننهن سستي سان وڌندا آهن

تحقيقي رپورٽن مان خبر پئي آهي ته نوجواني ۾ ننهن تيزي سان وڌندا آهن.

پر وچولي عمر ۾ ننهن وڌڻ جي رفتار سست ٿيڻ لڳندي آهي جنهن جو سبب رت جي گردش ۾ ٿيندڙ تبديليون هونديون آهن.

ڏندن جي حساسيت گھٽجي ويندي آهي

عمر وڌڻ سان اسان جا ڏند گھٽ حساس ٿي ويندا آهن ڇو جو انهن جي مٿين سطح وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي آهي.

مٿين سطح مضبوط ٿيڻ سان ڏندن جي حساسيت به گھٽجي ويندي آهي گرم ٿڌو لڳڻ جي شڪايت گھٽ ٿيندي آهي.

گھڻو خوش رهڻ لڳندا آهيو

ننڍپڻ ۾ گھڻن ماڻهن کي زندگي سٺي لڳندي آهي پر اهو احساس نوجواني ۾ گھٽجي ويندو آهي.

عمر وڌڻ سان جسماني ۽ دماغي ڪمزوري ته وڌندي آهي پر ان سان گڏوگڏ خوشي ۽ اطمينان جو احساس وڌي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.