کاڌي لاءِ فائديمند تيل ڪهڙو آهي؟

لذيذ کاڌو کائڻ جو شوق هر ڪنهن کي هوندو آهي، پر انهن کاڌي کي صحتمند بڻائڻ لاءِ جُزن جي بهتر چونڊ به ضروري آهي.
کاڌو پچائڻ لاءِ سڀ کان اهم جز آهي ڪوڪنگ آئل جيڪو کاڌي جو ذائقو وڌائيندو آهي.
پر جيڪڏهن توهان خراب معيار يا سستو تيل استعمال ڪندا آهيو ته اهو نه رڳو کاڌي کي بي ذائقو بڻائيندو آهي پر صحت تي به خراب اثر پوندا آهن.
اڄ اسان توهان کي ڪجهه اهڙا ڪڪنگ آئل ٻڌائينداسين جنهن سان نه رڳو کاڌي جو ذائقو بهتر ٿيندو پر اهي تيل صحت لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندا.
سرنهن جو تيل
ماضيءَ ۾ رڳو سرنهن جو تيل استعمال ڪيو ويندو هو ۽ جيڪي ماڻهو هن تيل کي استعمال ڪندا هئا انهن عمرون نه رڳو وڏيون ٿينديون هيون پر اُهي بيمار به گھٽ ٿيندا هئا ڇو ته سرنهن جي تيل ۾ سڻڀ جو مقدار گهٽ هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته هي تيل دل جي صحت لاءِ بهترين آهي.
زيتون جو تيل
فطرت زيتون جي تيل ۾ ڪيترائي فائدا لڪايا آهن،ان کي بيمارين جو علاج به چيو ويو آهي.
زيتون جو تيل پروٽين سان ڀرپور هوندو آهي ۽ ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ پڻ موجود هوندا آهن ان ڪري زيتون جو تيل وزن گھٽائڻ وارن ماڻهن لاءِ بهترين آهي.
سورج مکي جو تيل:
سورج مکيی جو تيل گلن مان ملندڙ ٻج مان حاصل ڪيو ويندو آهي، هي تيل دل جي مريضن لاءِ بهترين آهي جڏهن ته ان ۾ چربی به گهٽ هوندي آهي ان ڪري هن تيل جي استعمال سان ڪوليسٽرول جو خطرو به گهٽجي ويندو آهي.
ان کانسواءِ مڱيرن جو تيل، تخم بالنگا جو تيل، تِرن جو تيل به صحت تي حيران ڪندڙ فائدا وجهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.