راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نوجوان بيٽر سعود شڪيل ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان تيز ترين هزار رنسن جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو.
سعود شڪيل اهو اعزاز پنڊي اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران حاصل ڪيو.
هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ برابر ڪيو آهي، سعود 20هين ٽيسٽ اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو.
ان کان اڳ 59-1958 ۾ سعيد احمد به 20 اننگز ۾ هڪ هزار ٽيسٽ رنسون مڪمل ڪيون هيون، جڏهن ته صادق محمد 22، جاويد ميانداد 23 اننگز ۾ هڪ هزار رنسون ٺاهيون هيون.
Prev Post
You might also like