ڏاڪڻ چڙهندي سَهڪو ڇو ٿيندو آهي؟ ڇا اها ڪا بيماري ته ناهي؟

مختلف سببن يا صورتحال ۾ سَهڪو ٿي سگھي ٿو، جيئن اوهان ڪٿي جلدي وڃڻ لاءِ تيز گھمي رهيا آهيو يا ڪا سخت ورزش ڪري رهيا آهيو.
پر ڪنهن عام ڪم جيئن ڏاڪڻيون چڙهندي سَهڪو ٿي وڃي ته پوءِ ضرورت ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن.
سَهڪي کي طبي ٻولي ۾ Dyspnea چيو ويندو آهي جنهن دوران ائين لڳندو آهي ته ڄڻ سيني تي تمام گھڻو دٻاءَ آهي يا ساهه منجهي رهيو آهي.
ان ڊيڄاري ڇڏيندڙ تجربي جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، جن مان ڪجهه سنگين به هوندا آهن.
ساهه کڻڻ جو عمل گھڻو پيچيدهه هوندو آهي
آمريڪا جي National Heart, Lung, and Blood Institute موجب اسان جي ڦڦڙن، رت جي شريانين، پٺن، دماغ ۽ ساهه جي نالي مختلف قسمن جي ريسيپٽرز استعمال ڪري جسم جي ضرورتن موجب ساهه کڻڻ جي عمل کي ايڊجسٽ ڪندا اهن.
جيئن جيڪڏهن ڪو فرد دم جو شڪار آهي ته ان عارضي ۾ ساهه کڻڻ جي نالي تنگ ٿي سُڄي ويندي آهي جڏهن ته گھڻي مقدار ۾ بلغم به ٺهڻ لڳندو آهي.
ان جي نتيجي ۾ اسان جي جسم جا سينسرز ٻڌائيندا آهن ته جسم کي مناسب مقدار ۾ آڪسيجن ناهي ملي رهي ۽ خطري جي گھنٽي وڄڻ لڳندي آهي.
ماهرن موجب ان صورتحال ۾ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسان کي هوا حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي.
سهڪو ٿيڻ سدائين ڪنهن وڏي مسئلي جو اشارو ناهي هوندو
جي ها واقعي ڏاڪڻيون چڙهندي سهڪو ٿيڻ سدائين خطري جي گھنٽي ناهي هوندو پر ڪيترائي ڀيرا ائين جسم جي تيار نه ٿيڻ سبب ٿيندو آهي.
مثال جي طور تي ڪنهن ريس دوران ماڻهو مختلف ورزشن سان پنهنجي جسم کي تيار ڪندا آهن، حقيقت ۾ ورزش کان اڳ وارم اپ ضروري هوندو آهي ته جيئن جسم کي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگھون جڏهن ته آڪسيجن جو وهڪرو وڌي ويندو آهي.
ان جي ابتڙ جڏهن روز مرهه جي زندگي ۾ ڏاڪڻيون چڙهندا آهيون ته ان لاءِ ڪنهن به قسم جي تيار ناهيو ڪندا، جڏهن اوهان جا پٺا ٽين يا 5 منزل تي ڏاڪڻيون چڙهڻ لاءِ تيار نه هجن ته اهو ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ هوندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ عارضي طور تي ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.
سولن لفظن ۾ جيڪڏهن اوهان گرائونڊ فلور تي رهندا آهيو ۽ ڏاڪڻيون چڙهڻ جا عادي ناهيو ته پوءِ اهو ڪم ڪرڻ ڪجهه ڏکيو محسوس ٿيندو آهي.
جيڪڏهن ڏاڪڻيون چڙهڻ جهڙين معمولي جسماني سرگرمين سبب سهڪو ٿئي ۽ اهو ياد نه رهي ته آخري ڀيرو ڪڏهن ورزش ڪئي هئي، ته ورزش کي معمول بڻائڻ سان ان مسئلي کان بچڻ ممڪن آهي.
ورزش کي عادت بڻائڻ سان پٺا وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻ لڳندا آهن ۽ گھت آڪسيجن تي به متاثر ناهن ٿيندا.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن اوهان ورزش ڪرڻ جا عادي آيهو ته پوءِ به ڏاڪڻيون چڙهندي سهڪو ٿئي ٿو ته پوءِ اهو ضرور ڳڻتي جوڳو آهي.
جيڪڏهن اوهان جوان ۽ صحتمند آهيو ۽ پوءِ به عام سرگرمين جهڙوڪ ڏاڪڻيون چڙهڻ، دڪان تان سامان آڻڻ يا اهڙين ئي معمولي سرگرمين سبب سهڪو ٿئي ته ان صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.
ان جي پٺيان مختلف مرض به ٿي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.