مڇي کائڻ ڪهڙي وڏي بيماري کان بچائي ٿو؟

دل جي مرضن سبب هر سال سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيندا آهن.
دل جي صحت سان سلهاڙيل مسئلا هارٽ اٽيڪ، دل جي ڌڙڪي جي رفتار ۾ بي ترتيبي، فالج يا ان عضوي جي مختلف حصن کي پهچندڙ هر قسم جي نقصان لاءِ دل جي مرضن جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
پر مڇي کائڻ جي عادت سان دل جي مرضن کان تحفظ فراهم ڪري سگھي ٿي.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ڪينسر کان بچڻ جو مزيدار ۽ سولو طريقو
جرنل سرڪوليشن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جن ماڻهن جا ويجها مائت دل جا مريض هجن، اهي مڇي کائي دل جي بيمارين جو خطرو گھٽائي سگھن ٿا.
تحقيق ۾ 40 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جيڪي دل جي مرضن کان محفوظ هئا.
انهن ماڻهن جي صحت جو جائزو ڪيترن ئي سالن کان ورتو ويو جنهن دوران لڳ ڀڳ 8 هزار ماڻهن جي دل جي مرضن جي سڃاڻپ ٿي.
انهن ماڻهن جي جسم ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جي به جاچ ڪئي وئي هئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته خاندان ۾ دل جي مرضن جي تاريخ سان ماڻهو ۾ ان بيماري جو خطرو 25 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح جسم ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جي کوٽ سان به دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 40 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
مڇي ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جو مقدار گھڻو هوندو آهي جڏهن ته اسان جو جسم ان کي قدرتي طور تي ناهي بڻائي سگھندو.
محققن ٻڌايو ته دل جا مرض ڪنهن حد تائين موروثي به هوندا آهن پر ان حوالي سان جينز سان گڏوگڏ طرز زندگي جا عنصر به ڪردار ادا ڪندا آهن.
هنن چيو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته خاندان ۾ دل جي مرضن جي تاريخ سبب خطري کي مڇي کائڻ سان گھٽائي سگھجي ٿو.
سندن چوڻ هو ته رت ۾ فيٽي ايسڊز جي سطح سان دل جي مرضن جي خطري جي اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي.
محققن موجب مڇي کائڻ سان جسم ۾ فيٽي ايسڊز جو مقدار وڌي ويندو آهي جنهن سان دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.