پي ايس ايل فرنچائز علي ظفر جي مخالفت ڪري ڇڏي!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن شروع ٿيڻ ۾ باقي هڪ مهينو رهجي ويو آهي ۽ فينز شدت سان پي ايس ايل جي آفيشل تراني جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي ابتدائي ايڊيشن ۾ ترانو ڳائيندڙ علي ظفر سان پي ايس ايل انتظاميا رابطو ڪيو ۽ هن کان گيت به ورتا پر جڏهن فرنچائز مالڪن کي پتو پيو ته هڪ فرنچائز علي ظفر جي مخالفت ڪئي ۽ وڌيڪ ٻن فرنچائز به علي ظفر جي مخالفت ڪندڙ فرنچائز جي حمايت ڪئي.
ذريعن موجب، علي ظفر جي مخالفت مٿس هراساني واري ڪيس سبب ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، هڪ فرنچائز جو موقف آهي ته پي ايس ايل تمام وڏو برانڊ بڻجي چڪو آهي، سندن ڪوشش ۽ خواهش آهي ته تڪرار کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي، ڪنهن غير تڪراري راڳي کان ترانو ڳارايو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه فرنچائز پي سي بي کان درخواست ڪئي آهي ته علي ظفر کان ترانو نه ڳارايو وڃي، سندن مقصد ڪنهن جي تذليل ڪرڻ نه آهي، مقصد رڳو اِهو آهي ته پي ايس ايل جي برانڊ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل انتظاميا ٻين راڳين ۽ پرفارمرز کي شارٽ لسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جون نائون ايڊيشن 17 فيبروري کان شروع ٿيندي ۽ ميگا ايونٽ جو فائنل 18 مارچ تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.