خاص عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل، سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بئنچ درست ناهي: درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاص عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيل جي ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا بئنچ ٻيهر جوڙڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
پنهنجي درخواست ۾ هن ٻڌڻي ڪندڙ 6 رڪني بئنچ کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي خاص ڪورٽس بابت ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ قانوني طور درست ناهي.
فواد ايس خواجا موقف اختيار ڪيو ته خاص عدالتن تي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني بئنچ جوڙي وڃي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن به ڪميٽي ميمبر طور بئنچ تي اعتراض ڪيو آهي، اپيل تي بئنچ جي جوڙجڪ درست ناهي ۽ جيڪا بئنچ درست طريقي سان ناهي جڙي، ان جو فيصلو به قبول نه هوندو.
جواد ايس خواجا پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.