احسن خان ڳچيءَ تي ٽيٽو ٺهرائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار احسن خان هن وقت پنهنجي ٽيٽو سبب مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
اداڪار احسن خان پنهنجي ڳچيءَ تي هڪ ٽيٽو ٺهرايو آهي جنهن بابت هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اداڪار ٻڌايو ته اها اهو سچ آهي ته آئون ٽيٽو ٺهرايو آهي ڇو جو آئون ٽيٽو چاهيان پيو.
احسن خان ٽيٽو ٺهرائڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته آئون هڪ ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ ڪردار لاءِ ٽيٽو ٺهرائڻ ضروري هو، ڊرامي جي شوٽنگ لاءِ روز سيٽ تي اچي نقلي ٽيٽو ٺهرائڻو پوندو هو جيڪو مون کي ڏکيو ڪم لڳندو هو ان ڪري آئون ڊرامي لاءِ اهو عارضي طور تي ٺهرايو آهي اهو ختم به ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.