گوگل ۾ ”سرڪل ٽو سرچ“ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

گوگل اينڊرائڊ فونز لاءِ سرچ ڪرڻ لاءِ نئون فيچر سرڪل متعارف ڪرايو آهي.

هن فيچر جي مدد سان، واهپيدار پنهنجي فون ۾ ڪٿي به هڪ دائرو ٺاهي يا ان کي اجاگر ڪري ڳولي سگهندا.

هي فيچر صرف اينڊرائيڊ فونز لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

هٿرادو ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي سان ليس، هي فيچر شروعاتي طور تي ڪجهه فونن ۾ دستياب هوندو.

هن فيچر کي استعمال ڪندڙن کي ڌار ڌار ايپس کولڻ جي ضرورت نه پوندي.

ڪمپني موجب ان فيچر جي مدد سان وڊيوز، فوٽوز، ايپ يا ميسيجنگ دوران ڪنهن به سوال جو جواب ڄاڻڻ ممڪن ٿيندو.

مثال طور، جيڪڏهن توهان ڪنهن وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڪنهن شيءِ بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿا، ته ان جي چوڌاري هڪ دائرو ٺاهڻ سان تفصيل ڄاڻڻ ممڪن هوندو.

هي فيچر بلڪل گوگل لينس سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر توهان کي سرڪل ٽو سرچ استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل ايپ کولڻ جي ضرورت نه پوندي.

بس ٿوري دير لاءِ هوم بٽڻ کي دٻائڻ سان اهو فيچر ڪم ڪرڻ لڳندو.

سرڪل ٽو سرچ سان گڏ گوگل لينس ۾ ملٽي سرچ فيچر جو به اضافو ڪيو پيو وڃي.

گوگل لينس ۾ ملٽي سرچ فيچر تصويرن جي ڳولا ۾ مدد ڪندو.

ڪمپني موجب ان فيچر لاءِ ڪنهن شيءِ جي تصوير ڪڍي پنهنجي ذهن ۾ موجود سوال کي لکي سرچ ڪريو.

سرڪل ٽو سرچ جي ابتڙ ملٽي سرچ فيچر گوگل ايپ ۾ سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.

ڪمپني موجب هي فيچر شروعاتي طور آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.