ڪهڙا ڪرڪيٽر ليگز کيڏندا؟ پي سي بي فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چئن قومي ڪرڪيٽرز کي ليگز لاءِ اين او سي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي جن چئن ڪرڪيٽرز کي ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن ۾ شاهين آفريدي، بابر اعظم، محمد رضوان ۽ وسيم جونيئر شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪپتان شاهين آفريدي جو آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي سان معاهدو آهي جڏهن ته بابر اعظم، محمد رضوان ۽ وسيم جونيئر جو بنگلاديش پريميئر ليگ سان معاهدو.
ذريعن موجب، فخر زمان ۽ اعظم خان کي ليگز لاءِ اڃا تائين اجازت ناهي ملي، قومي ڪرڪيٽرز کي ليگز لاءِ اجازت ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي ڏني پئي وڃي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪرڪيٽرز کي معاهدي جي شقن پٽاندڙ اجازت ڏني پئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.