ايران سان ڇڪتان، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ايران ڇڪتاڻ کانپوءِ جي صورتحال تي غور لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو.
ذريعن موجب ايران سان ڇڪتاڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجو ڊيوس دورو مختصر ڪري اڄ رات ڏيهه واپس پهچندو.
ان حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 لڳي 45 منٽن تي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس جي صدارت ڪندو، اجلاس ۾ آرمي چيف سميت ٻيا سروسز چيف شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ ڳجهن ادارن جون اختياريون به شريڪ ٿينديون.
ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي بريفنگ ڏني ويندي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي فيصلا ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.