پاڪستان، ايران کي جواب ڪيئن ڏنو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ حملي کانپوءِ پاڪستان ايران کي ڀرپور جواب ڏنو، جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته رات اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ايران سان جڙيل بارڊر اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو، ان مهل ئي پرو اسٽيبلشمينٽ اڪائونٽس خبر ڏني ته سفارتي حل ڳولڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان سويلين ايئر ٽريفڪ کي هدايتون جاري ڪيون ته پاڪ ايران بارڊر کان پاسو ڪيو وڃي.
ذريعن موجب ساڍي 12 وڳي رپورٽ ڪيو ويو ته پاڪستاني ايف 16 ايراني بارڊر ڀرسان فلاءِ ڪري رهيا آهن، هڪ وڳي ايران سيستان ۾ پنهنجي سڀني فوجي ملڪيتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪيو، ڏيڍ وڳي آمريڪا طرفان ايراني اسٽرائيڪ جي مذمت ڪئي وئي، پوڻي 2 وڳي رپورٽ ڪيو ويو ته پاڪستاني ۽ سعودي اختيارين وچ ۾ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سعودي عرب ۽ آمريڪا پاڪستان جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ڀارت ايران جو ساٿ ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 وڳي سيستان جي مختلف هنڌن تي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، سوا 2 وڳي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ٻن ايراني ايجنٽن کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو، اڍائي وڳي چاه بهار ڀرسان وڌيڪ ڌماڪن جو آواز ٻڌو ويو، ساڍي 6 وڳي سراوان ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا.
ذريعن موجب پوڻي 7 وڳي رپورٽ ڪيو ويو ته پاڪستان ايران ۾ بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي ٺڪاڻن کي ايئر اسٽرائيڪ سان نشانو بڻايو آهي، 7 وڳي خراسان ڊائري ڪنفرم ڪيو ته پاڪستان ايران ۾ ايئر اسٽرائيڪس ڪيون آهن.
ذريعن ٻڌايو ته سوا 7 وڳي ايراني سروسز ڪنفرم ڪيو ته ايراني بارڊر جي 20 ڪلو ميٽر اندر ايئر اسٽرائيڪس ٿيون آهن، ڪيترائي پاڪستاني ڊرون علائقي ۾ ڏٺا ويا، پوڻي 8 وڳي نيو يارڪ ٽائمز جي ڪنفرميشن آئي ته پاڪستان ايران ۾ 7 هنڌن کي نشانو بڻايو، 8 وڳي ٻي انٽرنيشنل ميڊيا ڪوريج شروع ڪئي، ساڍا 9 وڳي پاڪستان ايران کي خبردار ڪيو ته وڌيڪ ڪنهن ايڪشن جو به ائين ئي جواب ڏنو ويندو، پوڻي 10 وڳي پرڏيهي کاتي طرفان آفيشلي ڪنفرم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.