ذوالفقار مرزا ۽ فهميدا مرزا اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندا يا نه؟ عدالت مان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ذوالفقار مرزا ۽ فهميدا مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر فهميدا مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف داخل آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 223 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته ذوالفقار مرزا پي ايس 70،71،72 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.
ريٽرننگ آفيسرن ۽ اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا جڏهن ته مٿن بئنڪ ڊيفالٽر هئڻ جو الزام مڙهيو ويو هو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي اميدوارن جي آئيني درخواستن کي منظور ڪندي کين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.