”پنج جج مون کي نه هٽائن ها ته اڄ ملڪ ۾ڪو به بيروزگار نه هجي ها“

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ ) نون ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي نه هٽايو وڃي ها ته اڄ ملڪ خوشحال هجي ها، ڪو به بيروزگار نه هجي ها ۽ گهر گهر ۾ روشني جا ڏيئا ٻرن ها.
حافظ آباد ۾ نون ليگ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پنج ججن 25 ڪروڙ ماڻهن جي نمائندن کي ڪڍي ڇڏيو جيڪڏهن نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ حافظ آباد ۾ڪو به شخص بيروزگار نه هجي ها.
هن چيو ته اسان ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مون کي وزارت عظميٰ تان نه هٽايو وڃي ها ته اڄ ملڪ خوشحال هجي ها، ملڪ ۾ مهانگائي نالي ڪا شيءَ نه هجي ها.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجو مشن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.