پنجاب جو وڏو وزير شريف خاندان مان نه هوندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب جو وڏو وزير شريف خاندان  مان نه هوندو، جڏهن ته ناڻي وزارت به اسحاق ڊار کي نه ملندي.

نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته اهو ممڪن آهي ته مريم نواز کي پرڏيهي  وزارت ڏني وڃي،پر کيس پنجاب جي وڏ وزارت نه ڏني ويندي. مسلم ليگ (ن)  ۾ مستقبل جي حڪومتي جوڙ جڪ  بابت جيڪي فيصلا ٿيا آهن.

انهن بابت ذريعن جو چوڻ آهي  ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏ وزارت شريف خاندان  مان ڪنهن کي به نه ڏني ويندي. جڏهن ته ناڻي وزارت به اسحاق ڊار کي نه ڏني ويندي.

ذريعن موجب ناڻي وزارت احسن اقبال کي ملڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ آءِ پي پي جي صدر عليم خان جو نالو گردش هيٺ آهي.

جيتوڻيڪ اڃان چونڊون نه ٿيون آهن نه ئي نتيجا آيا آهن پر ذريعن جي حوالي سان مستقبل جي حڪومتي جوڙجڪ بابت جيڪي صلاح مشورا ٿي رهيا آهن اهي ٻاهر اچي رهيا آهن. ان ڪري اهي حتمي فيصلا نه آهن ڇو ته هر ايندڙ ڏينهن تبديليون اچي رهيون آهن، حتمي فيصلا چونڊن جي نتيجن کانپوءِ ئي ممڪن آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 18 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.