ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جو نقصان ڪيئن برداشت ڪنداسين:ايس يو پي

مانجهند:جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 سالگره سنڌ يونائيٽيٽڊ پارٽيء پاران سن ۾ سيد جي درياء واري بنگلي تي ملهائي وئي سيد جي 120 سالگره تي ايس يو پي چيئرمين سيد جلال  محمود شاھ، مرڪزي صدر سيد زين شاھ، روشن ٻرڙو سيد بدالزمان شاھ، جڳديش آھوجا، امير آزاد پنهور، جونيئر جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن گڏجي ڪيڪ ڪٽيو، ايس يو پي جي پنڊال ۾ ايس يو پي ڪارڪنن سميت ٻين تنظيمن جا ڪارڪنن سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان شرڪت ڪري سيد سان محبت جو اظهار ڪيو ان موقعي ايس يو پي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ ايندڙ سمورن قومپرست ڪارڪنن جو ٿورائتو آھيان جيڪي وک وک تان رڪاوٽون ٽوڙي سن پهتا آھن، سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي هلندي سندس سالگره قيامت تائين ملهائبي رهبي، ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مُلڪ جا خزانا خالي آھن سياسي عدمِ استحڪام آھي اسٽبليشمينٽ به ويچاريندي هوندي سندن غلطين ملڪ جا بنياد ڪمزور ڪري ڇڏيا آھن، سائين جي ايم سيد سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جو سوچيو هو سيد جي سالگره جو ڏينهن عهد وفا جو ڏينهن آھي، سندس وَڌيڪ چوڻ هو ته ڪارپوريٽنگ جي نالي تي سنڌ جي مفادن جو نقصان ڪيئن برداشت ڪنداسين روشن علي ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته ستر جي ڏَھاڪي  کان سيد جي سالگره ملهائي پئي وڃي، بينظير ڀُٽو جي سالگره يا ورسيءَ تي سرڪار جي ڪروڙين روپين سان ٽرانسپورٽ ڏئي ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي ٿو ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد جي سالگره تي قلم 144 لاڳو ڪري ڪارڪنن کي سن پهچڻ کان روڪڻ لاء رستن تي رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، جڳديش آھوجا خطاب ڪندي چيو ته نئين سنڌ اڏڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو ايس يو پي ۽ سنڌ دوست اميدوارن کي ووٽ ڏئي اسان جو ساٿ ڏين، انجمن ترقي پسند اسلام آباد جي اڳواڻ راز سعيد چيو ته سيد جي سالگره تي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان تمام گهڻو عَوام گڏ ٿيو آھي امير آزاد پنهور چيو ته سن سياست جو مرڪز آھي جتي رڪاوٽون سازشون ڪري سياسي فڪر کي متضاد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سيد قومي تصور کي عام ڪيو سنڌي ڪلچر ۽ پيغامِ لطيف سميت ڪيترائي ڪتاب تشريح سان لکيا، 15 ورهين کان ساڳيا سنڌ کي لٽيندڙ حڪمران هجن ۽ انهن جي سامهون خاموش ٿي ويهي رهجي ته وسيلا ۽ ڌرتي ڪيئن بچائي سگهبي. سيد منير حيدر شاھ خطاب ڪندي چيو ته سيد کي ۽ سندس فڪر کي سمجهڻ لاء صديون گهرجن، سيد پيري مريدي کي ڇڏي پاڻ کي وطن جو عاشق ۽ قومي ليڊر ثابت ڪيو،قومي شاعر ۽ سنڌ عوامي سٿ جي اڳواڻ مهر ڊٻائي چيو ته  ڪارونجهر سمنڊ ٻيلا گورک بچائڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي سالگره جي جلسي کي چوڌري عارف نياز، ايس يو پي ليڊيز ونگ جي صدر ياسمين ٿيٻو، ڊاڪٽر بدر چنا،۽ ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته جلسي ۾ ھيٺيون قراردادون پيش ڪيون ويو  سنڌ ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلي ۾ سمورن افغانين ۽ بهارين سميت ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڪارپوريٽنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪيو وڃي،اليڪشن ڪميشن جي آئين موجب شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي،

جسقم پاران 25 فيبروري تي ٺَٽي ۾  زمينن جي والار خلاف ريلي جو اعلان

مانجهند/سن: سائين جي ايم سيد جي 120 سالگره تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، مومن سَمون، اطهر سومرو، ديدار شام، اشرف سولنگي ۽ ٻين  ڪارڪنن سان ريليءَ جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد  جي مزار تي پهچي قومي ترانو پيش ڪري مزار تي چادر چاڙھڻ کانپوءِ قومي سَلام پيش ڪيو ويو جنهن کانپوء جسقم پاران سيد جي مزار جي سيراندي کان سالگره جي جلسي پنڊال سَجايو ويو جتي سائين جي ايم سيد جي 120 سالگره جو ڪيڪ ڪَٽيو ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد اَمن ۽ ڀائيچاري جو سَبق ڏنو، جنهن سبب پُرامن سياست سان سيد جي 120 سالگره ملهائي عدمِ تشدد جي طريقي جا پيروڪار ثابت ٿيا آھيون، صنعان خان قريشي اعلان ڪندي چيو ته 25 فيبروري تي ٺَٽو شهر ۾ ڌارين آبادڪاري زمين جي والار بُک بدحالي ۽ ٻين سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف ريلي ڪڍي ويندي هن چيو ته سندس ڪنهن به ٻاهرين مُلڪ ۾ ملڪيت ناهي هو فقط سنڌ جو ايجنٽ آھي منهنجي بابا بشير خان قريشي ۽ چاچا کي شهيد ڪيو پر جسَقم کي ڪير به خَتم  نه ڪري سگهيو اَسان عدم تشدد ذريعي سنڌ جي خوشحالي آڻينداسين، امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ سيد جي انڪارين سَڄي عمر سائين جي ايم سيد مٿان غَداري۽ ڪفر جا لقب مَڙھيا، سيد جي سالگره کي خَتم ڪرڻ لاء خوف پکيڙي 144 قلم لاڳو ڪيو وَڃي ٿو پَر ان باوجود سَڄي سنڌ مان هزارين ڪارڪن سيد جي سالگره تي سن پهتا آھن، مومن سمون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سيد جي فڪر کان غافل ٿيون ته قومي گنهگار ليکباسين، اسان جي ٻولي کي قومي درجو نه ملي سگهيو سنڌو درياء تي واھ ڪڍي سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب چورائي رهيو آھي، اطهر سومرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪارڪن سنڌ ۽ سيد جي عشق ۾ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچن ٿا، اشرف ڪلهوڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اسڪالرشپ جي نالي ري بليڪ ميل ڪري شاگردن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سيد تاريخ جو سچ آهي، جيڪو سمورين رڪاوٽن باوجود روز بروز نکري رهيو آهي، اڄ سيد مُرڪي پيو هوندو پنهنجي عاشقن ۽ پيروڪارن کي سن جي سرزمين تي ڏسي، جڏهن ته ساجد سنڌي قومي گيت ڳائي سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سن ۾ نوجوانن جو هر سال انگ وڌي پيو: نياز ڪالاڻي

سن: جيئي سنڌ قومي محاذ جي پنڊال ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان نظرن کان اوجهل رهيل جسقم جو باني اڳواڻ ۽ شهيد بشير خان قريشي جو ويجهو ساٿي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري تقريب ۾ جسقم جي پنڊال واري اسٽيج تي نظر آيو ۽ ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته اها سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ڪاميابي آهي ته قلم 144 لاڳو ڪرڻ، ادارن جي سختين ۽ رڪاوٽن باوجود سن ۾ نوجوانن جو هر سال تعداد وڌي رهيو آهي، سنڌ دشمن قوتون 29 سالن کان جسماني طور تي قبر ۾ موجود سائين جي ايم سيد کان ايترو ڊنل آهن جو هو هر سال سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي 144 لاڳو ٿيون ڪن. هن چيو ته سنڌ 19 هين صدي ۾ ٽن وڏن ڪردارن شهيد الله بخش سومرو، صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه پير پاڳارو ۽ سائين جي ايم سيد کي جنم ڏئي ڏنو، الله بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو، صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي 32 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين قيد ڪيو ويو. هن چيو ته 48ع ۾ سائين جي ايم سيد چيو هو ته قومن جو بنياد مذهبن جي بنياد تي ناهي هوندو، اها غير فطري ڳالهه آهي، سياسي تاريخدان به لکن ٿا ته محمد علي جناح سان ان وقت ڪير اختلاف نه ڪري سگهندو هو، پر سائين جي ايم سيد ان شخص کي چيو ته منهنجي آڏو سڀ کان وڌيڪ اوليت ۽ اهميت سنڌ کي آهي، تون سنڌ کي اهميت نٿو ڏين، سنڌ جي ڳالهه نٿو ٻڌين، آئون تونسان اختلاف ڪيان ٿو، ان وقت جا سياستدان سوچڻ لڳا ۽  چون پيا ته سائين جي ايم سيد هي ڇا ٿو ڪري جناح جي سامهون ڪير ڳالهائي نٿو سگهي، پر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳالهه چٽي ۽ واضح نموني رکي ۽ اڄ سڄي دنيا اها ڳالهه تسليم ڪري چڪي آهي ته سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ پٺاڻ قوم آهن، مسلمان نالي دنيا ۾ ڪا به قوم ناهي، اها سائين جي ايم سيد جي فڪري ڪاميابي آهي.

سائين جي ايم سيد اسان سنڌين  جو رهبر آهي: سن پهتل ماڻهو

سن پهتل قومپرست جماعتن کان سواءِ عام ماڻهن پڻ سائين جي ايم سيد کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري محبتن جا گل نڇاور ڪيا ، سن پهتل هر مڪتب و فڪر جي ماڻهو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد اسان سنڌين  جو رهبر آهي جنهن اسان کي علمي ادبي شعور ڏئي حقيقتن کي پرکڻ ۽  پروڻن جي طاقت ڏني آهي ،  سائين جي ايم سيد جي سالگرھ سنڌي قوم جي لاءِ عيد جو ڏينهن آهي اسان سيد جا عاشق پتنگن جيان پنهنجي محبوب سان سن پهچي عقيدت جو اظهار ڪريون ٿا  ۽ سيد کي سنڌ جي لاءِ ڪيل جدوجھد تي قومي سلام پيش ڪريون ٿا.

28 جنوري تي زمينن جي والار، ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

سن/مانجهند(رپورٽ:ساگر سولنگي+بابو يوسف عمراڻي)سن ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي 28 جنوري تي سنڌ جي زمينن تي والار ، ڪوڙي آدم شماري ، قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ ۽ ڪاروجهر جي ڪٽائي خلاف سڄي  سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ، خبر موجب جديد قومپرستي جي باني  سائين جي ايم سيد جي 120 سالگرهه جي موقعي تي سيد جي فڪر سان لاڳاپيل قومپرست جماعتن جسقم ، جيئي سنڌ محاذ ، جيئي سنڌ تحريڪ ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي طرفان گڏيل تور جوڙيل جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان  سائين جي ايم سيد جي 120هين سالگرھ جو گڏيل جلسو ٿي گذريو جلسي جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر رياض چانڊيي ڪئي . جلسي کي صدارتي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي سربراهه رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ جي موجودا حالتن ۾ اهو سيد جو فڪر ئي آھي،جيڪو هن قوم جي مستقبل جو ضامن آهي. سندس فڪر تحت پرامن سياسي جدوجهد جاري رکنداسين. سنڌ جي پيداواري ذريعن جي ڦرلٽ، زمينن جي والار، ڪارونجھر جي ڪٽائي، سنڌو نديءَ جي تباهي، پاڻي تي راتاهن ۽ ماحولياتي تباهي خلاف جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ان ضرورت کي محسوس ڪندي رهبر ڪميٽي اهو اعلان ٿي ڪري ته جنوري مهيني جي 28 تاريخ تي سنڌ جي زمينن تي والار ، ڪوڙي آدمشماري ، قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ڪاروجهر جي ڪٽائي خلاف سڄي سنڌ احتجاج ڪيو ويندو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته تڪليفن جي باوجود قومي ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن ۽ انهن کي هيسائي نٿو سگهجي. جبري گمشدگيون انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سيد گھڻ طرفو پورهيو ڪيو، سندس انهي پورهيي کي تاريخ ۾ امرتا آهي. سيد جي فڪر ۾ ايتري سگهه آهي، جو اهو سڄي قوم کي ميڙي مٺ ڪري سگهي ٿو. سنڌي قوم جو آئندو سيد جي فڪر ۽ سياست سان لاڳاپيل آهي. جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي خطاب ڪندي چيو ته . سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت، ٻوليءَ، جاگرافي ۽ پيداواري وسيلن کي بچائڻ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکنداسين. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته سائين جي ايم سيد ڏکڻ ايشيا جو مثالي سياستدان ھو ھن خاڪسار تحريڪ کان وٺي جيئي سنڌ تحريڪ تائين ھر پل سنڌ کي ارپيو ھن جو فڪر سيڪيولر روشن خيال ۽ بني نوع انسان جي آزادي جو پيغام آھي جلسي کي سرمد ميراڻي غفار ميرجت تاج جويو محمد علي خشڪ ناز نوتڪاڻي ھالار رتڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو

جيئي سنڌ محاذ(سهتو گروپ) پاران سيد جي مزار تي حاضري

مانجهند: سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 سالگره جي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ طرفان چئرمين صوفي حضور بخش فيض الله جوڻيجو علي نواز ٻٽ اختر ڪاڪيپوٽو پروفيسر  آزاد قاضي اصغر لنڊ شيخ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سن انڊس هاءِ وي  کان پيادل مارچ ڪندي سيد جي مزار تي حاضري ڀري قومي ترانو پڙھيو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي صوفي حضور بخش چيو ته سائين جي ايم سيد امن محبت آزادي جو  علمبردار هو فيض الله جوڻيجو چيو ته سنڌ جا وسيلا کسيا ويا آھن پاڻي بند ڪيو ويو آھي علي نواز ٻٽ چيو ته سپريم ڪورٽ بلوچن پٺاڻن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس ته ورتو آھي پر سنڌ سان ساڳئي ناانصافي ٿي رهي آھي

120هين سالگرهه تي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش

سن : جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرهه سن ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان  اديب شاعر ، ڪهاڻيڪار ، ليکڪ ، دانشور ، وڪيل صحافي سياسي سماجي اڳواڻ عورتون ٻار مختلف گاڏين وينن ، بسن ڪارن سوزڪين ۾ سوار ٿي   وڏي انگ ۾ سن پهچي سيد سان محبتون جو اظهار ڪيو، ۽ پنهنجن پيارن ۽ خاندان جي ماڻهن سان مزار جي ايم سيد تي تصويرون سليفون ڪڍيون پئي ويو ، سڄو ڏينهن سن ۾ قومي گيتن جي گونجار رهي ، سن شهر جي هر گھٽي هر چوڪ چوراهي تي محبتن جا ميلا متل هئا ، سمورو ڏينهن مرڪن ٽهڪن سان گذريون.

ڪتابن جا اسٽال، وڏي انگ ۾ خريداري

سن: سيد جي مزار جي اڱڻ تي مختلف پبلشرن 50 کان وڌيڪ سياسي ، ادبي ، سائنسي ، تاريخي پيار محبت،  ناول ، ڪهاڻين ، سنڌي ٻولي سنڌي گرامر  جي ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا هئا  پبلشرن پاران سائين  جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ڪتابي علم کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر ڪتاب اڌ قيمت تي وڪرو ڪيو پئي ويو ، جنهن ڪري ڪتابن جي اسٽالن تي سڀ کان گھڻي رش هئي ، ۽ لکين رپين جا ڪتاب وڪرو ٿيا ،

سن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام

سن: سن ۾  ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري توڙي خانگي سيڪيورٽي جا انتظاميا سخت ڪيا ويا هئا ، پنج سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار سن شهر جي داخلي خارجي رستن پٽڙن ڪچن پڪن رستن تي چوڪس بيٺل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.