عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي بابت ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم طرفان عام چونڊن لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري سميت چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري شامل هوندا.
نوٽيفڪيشن موجب مواصلات وارو وزير ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو ۽ ڪميٽي 7 ميمبرن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ڪميٽي عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.