جنهن سياسي اڳواڻ جي تصوير هجي ان تي ڪيس داخل ڪيو وڃي: ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان سياسي اڳواڻن جا سائن بورڊ ۽ هورڊنگز هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عوامي هنڌن تي بل بورڊن ۽ هورڊنگز تي پابندي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪي ايم سي ۽ ڪنٽونمينٽ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت وڪيلن سان مڪالمو ڪندي چيو ته هي مهذب ماڻهن جو شهر آهي يا جهنگ؟ ڪراچي کي جهنگ نه بڻايو، اسان شهر ۾ ايندڙن کي ڇا ٻڌائڻ چاهيون ٿا؟
پوءِ عدالت شهر مان سياسي اڳواڻن جي سائن بورڊ ۽ هورڊنگز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ شهري انتظاميا سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪري، بل بورڊن تي جنهن سياسي اڳواڻ جي تصوير هجي، ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.